Sindh University Ne 2015 Batch mein Bacheey Howe Seats K Leye Addimision Dobara Open Karde Hain
ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشن بيچلرس ڊگري پروگرام-2015 تحت مختلف شعبن ۾ محدود خالي سيٽن تي ميرٽ ۽ سيلف فنانس تحت داخلائون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان موجب ايڊميشن ڪاميٽي جي فيصلي ۽ وائيس چانسلر جي منظوريءَ کانپوءِ بيچلرس ڊگري پروگرام-2015 تحت مختلف 45 شعبن ۾ محدود خالي سيٽن تي داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. اهڙا اميدوار جن تعليمي سال 2015 ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني، اهي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان فارم ڊائون لوڊ ڪري پنهنجو پسنديده شعبو لکي ڊمانڊ ڊرافٽ سان گڏ 13 مارچ تائين ايڊميشن ڊائريڪٽوريٽ وٽ جمع ڪرائين ته جيئن کين داخلائون ڏئي سگهجن. بيچلرس ڊگري پروگرام 2015 ۾ميرٽ تحت بي ايس عربي، ڪمپئريٽو رليجن، جينڊر اسٽيڊيز، جنرل هسٽري، جاگرافي، اسلامڪ ڪلچر، مسلم هسٽري، فارسي، فلاسافي، سائڪالاجي (سوشل سائنس)، رورل ڊولپمينٽ ۽ اردو ۾ داخلا وٺي سگهجي ٿي. جڏهن ته سيلف فنانس تحت اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي، بي ايڊ ايليمينٽري، بايوڪئمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي، باٽني، ڪيمسٽري، ڪامرس، ڪرمنالاجي، اڪنامڪس، اليڪٽرانڪس، انوائرنمينٽل سائنسز، فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز، جينيٽڪس، جيالاجي، انٽرنيشنل رليشنس، ايل ايل بي، لائبريري اينڊ انفارميشن سائنس، ماس ڪميونيڪيشن، مئٿميٽڪس، ميڊيڪل ليباريٽري ٽيڪنالاجي، مائڪرو بائلاجي، نيوٽريشن اينڊ فوڊ ٽيڪنالاجي، فزڪس، فزيالاجي، پوليٽيڪل سائنس، سائڪالاجي (نيچرل سائنس)، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، سنڌي، سوشل ورڪ، سوشيالاجي، اسٽيٽسٽڪس، ٽيليڪميونيڪيشن، زولاجي ۽ بي بي اي ۾ موجود محدود سيٽن تي داخلائون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. داخلائن لاءِ فارم ۽ في جا تفصيل يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي دستياب آهن.
0 comments:
Post a Comment