Semester Date Announcement of Uosindh
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪيئمپسز جا سيمسٽر (صبح ۽ شام) وارا امتحان 30 نومبر 2015 کان ورتا ويندا. ان سلسلي ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سمورن شعبن جي 2015 بئچ جي ٻئين سيمسٽر جا ريگيولر، امپروئر ۽ فيلوئر امتحان 30 نومبر کان شروع ٿيندا، شاگردن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اُهي امتحاني فارم پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ 20 نومبر تائين جمع ڪرائين. جڏهن ته شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ/سلپ 23 کان 28 نومبر تائين جاري ڪيون وينديون. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄا ڻايو ويو آهي ته 60 سيڪڙو کان گهٽ حاضري رکندڙ شاگردن کي امتحانن ۾ ويهڻ جي اجازت نه هوندي.
پبلڪ رليشنس آفيسر
0 comments:
Post a Comment